اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، حڪومتي سڌارن جي نتيجي ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي 108 کان 136 تائين پهچي وئي آهي، ڪاروباري شعبي کي عالمي سوچ اختيار ڪرڻ ۽ منڊين ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کان باخبر رهڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن (اي او) جي و??د سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڪاروباري برادري خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڏين ۽ ڪاروباري صلاحيتون وڌائين، خصوصي ماڻهن کي عمارتن ۽ ڪم جي جاين تائين آسان پهچ ف??اه?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حڪومت واپاري برادري کي برابر موقعا ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ??هي آهي، پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ر??غب ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪاروباري برادري و??ليو ايڊيشن جي ذريعي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن جي و??د حڪومت جي معاشي پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين کي سا??اه??و. وفد جي ميمبرن چيو ته انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري ??هي آهي. صدر وفد کي انهن جا مسئلا ۽ شڪايتون لاڳاپيل ڌرين تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.
حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن