اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته اڄ سڀ کان وڏو چئلينج قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي واپس آڻڻ آه??، قائداعظم ۽ علامه اقبال هڪ اهڙي رياست جو قيام چاهيندا هئا جتي اسلام کي مڃيندڙ ۽ اقليتون آزادي سان زندگي گذاري سگهن. وزيراعظم عمران خان انهي پاڪستان جي ڳالهه ڪندو آه??، جنهن جو خواب قائداعظم محمد علي جناح ڏٺو هو، اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ائداعظم محمد علي جناح جو پيغام واضح آه??، هندستان ۽ بنگلاديش جا ڪيترائي ليکڪ قائداعظم جي باري ۾ ڪنفوزن جو شڪار آه??، هن چيو ته جهڙي طرح جو پاڪستان قائداعظم چاهي ??هيو هو هن پنهنجي ٽن وڏين تقريرن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو، قائداعظم ۽ علامه اقبال ماڊرن ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ اڳواڻ هئا، ننڍي کنڊ جي مسلم قيادت ڄاڻي چڪي هئي ته ??ستقبل ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو، هن چيو ته علامه اقبال گهڻو پهرين ڏسي ڇڏيو هو ته ??سلمانن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، قائداعظم هندستان جي سياست ڏسي پاڪستان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان ۾ سيالڪوٽ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم متحد ٿي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، هندستان ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول آه??، اڄ ڀارت ۾ مسيحي برادري ۽ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آه?? اهو دنياجي سامهون آه??، نريندر مودي ۽ بي جي پي اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آه??، هن چيو ته ??ريندر مودي جي حڪومت جي تحت اڄ ڀارت زوال جو شڪار آه??، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان جي قيام جو مقصد اقليتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ هو، پاڪستان ان خطي جي روشن اميد آه??، قائداعظم پنهنجي پيغام ۾ واضح هيو، ان جي ان پيغام کي حاصل ڪرڻ ئي سڀ کان وڏي جنگ آه??، هن چيو ته ??ائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي موقعي تي تصويري نمائش جو انعقاد خوش آئنده آه??، اسان کي قائداعظم جي پيغام کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻي پوندي، وفاقي وزير قائداعظم جو جنم ڏينهن شاندار طريقي سان ملهائڻ، اسلام آباد ۾ آتش بازي ۽ رنگ ونور جي محفل جي انعقاد تي سمورن منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.
اڄ سڀ کان وڏو چئلينج قائداعظم جي پاڪستان کي واپس آڻڻ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا