اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم شيخ خالد بن خليفه بن عبدالعزيز آل ثاني شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ ت?? مبارڪباد ڏني آهي. پنهنج?? مبارڪباد واري پيغام ۾ هن وزيراعظم شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان سان دوستي پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي و??يڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي قائم آهي. وزيراعظم شهباز شريف و??يڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهن لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط ۽ پڪو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي پنهنجي هم منصب جو نيڪ خواهشن تي جوابي خيرسگالي جي جذبن سان ٿورا پڻ مڃيا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز