اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تح?? سڄي مل?? ۾ ٺاهيا وي??دڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي ترقي ۾ پڻ مدد ملندي، سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين مل??ن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي عنوان سان ٽئين گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ تح?? تيار ڪيا وي??دڙ پنج خصوصي اقتصادي زونز ۾ جديد ترين انفراسٽرڪچر هوندو ۽ پاڪستان حڪومت جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعت جي قيام جي لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي. هن مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي مل?? ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي آسانين ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ذريعي پيش ڪيا وي??دڙ موقعن مان فائدو کڻن. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ پاڪستان آ??زر??ر جي چيف ايڊيٽر فيصل زاهد مل?? پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، ميڊيا ۽ واپاري برادري جي نمايان شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته مل?? جي سيڙپڪار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، جنهن ناليواري موبائيل فون برانڊز کي پاڪستان ۾ فونز جي تياري ۽ اسمبلنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهن. هن واپاري برادري تي پڻ زور ڏنو ته اها حڪومت پاران جوڙيل پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ٽيڪس ريفنڊز، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪارن کي ڏني وي??دڙ سهولتن جهڙين مراعتن مان فائدو کڻي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مثالي پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ تح?? وڏي سيڙپڪاري پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ دوست مل??ن جي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن کي وڌيڪ سگهه ڏيندي. هن چيو ته سي پيڪ اڳ ۾ ئي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي پراڻي دوست چين سان تعاون جي سطح کي اڳتي وڌائي چڪو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين مل??ن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ تح?? مل?? جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي نظام کي بهتر بڻائڻ، گردشي قرضن جي دائمي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ گهٽ قيمت تي توانائي جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن گوادر ۾ چين پاران شروع ڪيل گهڻ رخي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان گوادر کي علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري جو مرڪز بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گوادر بندرگاهه افغانستان ۽ وچ ايشيائي مل??ن سان واپار جي لاءِ هڪ مثالي سا??ون??ي رستو هوندو. هن افغانستان ۾ امن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو خطي ۽ پاڙيسري مل??ن جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي موقعن جي راهه هموار ڪندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت نوجوانن جي مهارت خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس پروگرام متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد مقامي صنعت ۽ افرادي قوت جي برآمدي منڊي کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. صدر گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان آ??زر??ر جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ اهو قدم پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو