اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪندي ان جو دائرو سڄي ملڪ ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن تائين وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ??ان عوام جي کيسن تي گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري ره?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 496، ملڪ جي وڏن شهرن جنهن ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ڪوئيٽا ۾ 340 ۽ ٻين علائقن ۾ 1255 سرڪاري عمارتن تي سولر پينلز لڳايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ موجود سرڪاري عمارتن ۾ سولر پينلز کي لڳائڻ جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪي?? ويندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن خواجه آصف، اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سولرائيزيشن منصوبي جي حوالي ??ان وڏا فيصلا ڪندي اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي منصوبو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪر?? جي واضح هدايت ڪندي چيو ته هو درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪر?? جي لاءِ قدم لاڳو ڪر?? ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته باقي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي ڪم فوري طور تي شروع ڪي?? وڃي. هن چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ??ان عوام جي کيسن تي بار گهٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ره?? آهي.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa