اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي ل??ڳاپا معمو?? تي آڻڻ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان عوامي جمهوريه چين پاران سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي وچ ۾ سفارتي ل??ڳاپن کي معمو?? تي آڻڻ جي شاندار آجيان ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان کي پڪو يقين آهي ت?? اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ترجمان چيو ته اسان ان تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ڪردار کي ساراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ان مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت کي ساراهيون ٿا. بيان موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي ل??ءِ مسلسل تعاون ۽ هم آهنگي جي ڪوششن جي تاريخ سان گڏوگ?? وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ت?? اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ۽ هم آهنگي جي ل??ءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.
پاڪستان پاران سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن