اسلام آباد – 17 ?? مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ عراق جي سفير حامد عباس لفتا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آف??س موجب ملاقات ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻط??فن لاڳاپن جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ عراقي ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي. عراقي سفير حامد عباس لفتا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عراقي پرڏيهي وزير پاران پرڏيهي وزير ??ي عراق جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن مسلسل تعاون ۽ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ