اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ج?? خصوصي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوبر تائين تبت جي خودمختيار علائقي نينگچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت ٽرانس هماليه ??ور?? ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽرانس هماليه ??ور?? جي شروعات 2018ع ۾ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ جاگرافيائي رابطي، ماحولياتي تحفظ ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن تي عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي. ??ور?? جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن سال جي ??ور?? جو ٿيم ”ماحوليايت تهذ??ب ۽ ماحولياتي تحفظ“ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني تبت ۾ پنهنجي قيام دوران ٽرانس هماليه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندو. هو منگوليا جي نائب وزيراعظم، چين جي پرڏيهي وزير ۽ افغانس??ان جي عبوري پرڏيهي وزير سميت ڪيترين ئي علائقائي شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي چين جو دورو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت