اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ??ين??ر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجي شعبو ڇاتيءَ جي ??ين??ر کان متاثر ماڻهن کي مدد فر??هم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ميڊ??ا ۽ ٻيون ڌريون ڇاتيءَ جي ??ين??ر بابت آگاهي مهم ۾ مدد ڪن، عورتن کي حياتي کسيندڙ مرض جي جلد تشخيص، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو سيمنز هيليٿائزز جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر صحت جي شعبي ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي امڪانن کي اجاگر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي آگاهي، صحت جي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر شروعاتي اسڪريننگ، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ ۽ بهتر طبقي خدمتن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته نجي شعبي جا حصيدار ميڊيا مهم ۽ تعليمي ادارن ۾ ورڪشاپس ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ جي ذريعي شعور بيدار ڪرڻ ۾ ??هم ادا ڪري سگهن ٿا. صدر آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ??ين??ر بابت آگاهي جا پروگرام منقعد ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن ڇاتيءَ جي ??ين??ر بابت آگاهي مهم ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. په??ين آڪٽوبر کان ڇاتيءَ جي ??ين??ر تي آڊيو آگاهي پيغام هلايو پيو وڃي جنهن ۾ عورتن کي پنهنجو معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي مشورو وٺڻ جي تلقين ڪئي پئي وڃي. صدر چيو ته ميڊيا هائوسز مارننگ ۽ ٽاڪ شوز کانسواءِ بيداري جي لاءِ پيغام نشر ڪن، ڇاتيءَ جي ??ين??ر کانپوءِ جي مرحلن ۾ علاج سان واڳيل خرچن کي وقت سر تشخيص سان گهٽ ڪري سگهجي ٿو.
نجي شعبو ڇاتيءَ جي ڪينسر کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس