اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان سان ڪيپيٽل يونين آف جرنلسٽس (سي يو جي) جي وفد ملاقات ڪئي ۽ کيس اخبارن ۽ صحا??ين جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. جاري پڌرائي موجب وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اخبارن ۽ صحا??ين جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. وفد پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان کي ٻڌايو ته پبلشرن ۾ ڪيترائي نان پروفيشنل ماڻهو شامل ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙي طرح ڊمي اخبارون به هڪ مسئلو آهي جڏهن ته ننڍين اخبارن جي ڪارڪردگي تي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ڊمي اخبارن جي خل??ف منظم طريقيڪار اختيار ڪ??ڻ سميت اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته صحا??ين جا مسئلا ترج??حي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. وفد ۾ غلام فريد انجم، ذڪي ڊوگر، رائو احسان، سردار فياض انجم، محمد مقصود، حاجي دائود ۽ نعيم روحاني ۽ ٻيا شامل هئا.
پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان سان ڪيپيٽل يونين آف جرنلسٽس جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات