اسلا آباد-01 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو اميدوار سردار اياز صادق 199 وٽ کڻي ق??مي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف ک??ئنس ميمبرشپ جو حلف ورتو. ق??مي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊن لاءِ پولنگ ٿي، پولنگ جو عمل 11 وڳي کان جمعي جي نماز بعد تائين جاري رهيو جنهن کانپوءِ ق??مي اسيمبلي جي سيڪريٽري ٻئي عملي سان پولنگ ايجنٽن جي موجودگي ۾ ووٽن جي ڳڻ?? ڪئي، ڪل 291 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، هڪ ووٽ رد ٿيو. سردار اياز صادق 199 ووٽ جڏهن ??ه سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عامر ڊوگر 91 ووٽ حاصل ڪيا. ڳڻ?? کانپوءِ اتحادي پارٽين جي ميمبرن سردار اياز صادق کي مبارڪون ڏن??ون. ان کانپوءِ نئين چونڊيل اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي حريف سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار ملڪ عامر ڊوگر جي سيٽ تي ويو ۽ جمهوري عمل جو حصو بڻجڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. اياز صادق ق??مي اسيمبلي جو 22 هون اسپيڪر چونڊجي ويو. هو ان کان اڳ 2013 کان 2018 تائين به ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر رهيو.
مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو اميدوار سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جو 22 هون اسپيڪر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت