اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ارسا جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي ارسا ميمبرن کي گهرائڻ ۽ معاملي تي تفصيلي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 1991ع جي پاڻي جي ??رڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪ??و وڃي، ارسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ارسا پاران پاڻي جي ڊائيورزن جي فيصلي جي حوالي سان سيد نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، شبير علي بجاراڻي، مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻين جي اعتراض وارن نقطن تي جواب ڏي??دي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1991ع جي پاڻي جي ??رڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪ??و وڃي. هن چيو ته ارسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا آهن، اسيمبلي ميمبر هارين ۽ آبادگارن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندا آهن، زراعت سان اسان جي معيشت واڳيل آهي، اهو معاملو لاڳاپيل ڪ??يٽي ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته ارسا جي ميمبرن ۽ صوبائي نمائندن کي خصوصي طور تي گهرايو وڃي ته جيئن تفصيلي بريفنگ ٿي سگهي ۽ ان مسئلي جو مناسب حل ڳولي سگهجي. ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي چيو آهي ته جن اسيمبلي ميمبرن اهو معاملو اٿاريو آهي انهن کي به ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويندو. ارسا جي ميمبرن کي به گهرايو ويندو جڏهن ته جيڪي به ميمبر ان معاملي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اُهي پنهنجا نالا ڏي?? ته جيئن انهن کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪ??و وڃي. قومي اسيمبلي ميمبر محمد احمد چٺا جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضلعي وزيرآباد ۾ پاسپورٽ آفيس ٺهڻ گهرجي، ان حوالي سان هر ممڪن قدم کن??ا ويندا.
قومي اسيمبلي پاران ارسا جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي حوالي، ارسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ