اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريبيز (ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ س??ن پيدا ٿيل بيماري) جو عالمي ڏينهن اڄ 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. گڏيل قومن جي صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان 2007ع کان هر سال اهو ڏينهن 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ ريبيز جي بيماري جي حوالي سان آگاهي ۽ ان کان تحفظ بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي، ريبيز ڪتي جي چڪ پائڻ س??ب پيدا ٿيل هڪ بيماري آهي، جيڪا دنيا جي قديم بيمارين ۾ شامل آهي. ان بيماري جي علامت ۾ پاڻي کان ڊڄڻ، گلي ۾ سور، ساهه ٻوساٽجڻ جو احساس، جسم جي عضون جو چر??ر نه ڪري سگهڻ، الٽي جي ڪيفيت ۽ الٽيون ٿيڻ، طبيعت هر وقت خراب رهڻ، ذهني مونجهارو ۽ هوش هواس وڃائڻ، مٿي جو سور، وات مان گج نڪرڻ، هوا کان ڊڄڻ، اوچتو گوڙ ٻڌي دورو پوڻ، ڳيت ڏي?? ۾ شديد ڏکيائي پيش اچڻ ۽ ننڍ جو نه اچڻ شامل آهي. جيڪڏهن ريبيز ٿي وڃي ته ان جو علاج نٿو ٿي سگهي، پر ان جي ويڪسين جي وقت سر استعمال سان ريبيز کان بچي سگهجي ٿو.واضح رهي ته ريبيز رڳو ڪتي جي چڪ پائڻ س??ن نه پر ٻلي، لومڙي جهڙن جانورن جي چڪ پائڻ س??ن به هر سال هزارين ماڻهو ريبيز جي بيماري جو شڪار ٿي زندگي وڃائي ويهندا آهن. ان ۾ پالتو جانور به شامل ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريبيز جو عالمي ڏينهن 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد