اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آ??ي ته وزيراعظ?? محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، پاڪ??تا?? ۽ ملائيشيا معدنيات، خوراڪ، زراعت، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. پي ٽي وي کي هڪ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ ترقي جي حوالي سان بي پناهه موقعا آهن، 70ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪ??تا?? جي تعليم، تحقيق ۽ سائنس جي شعبي ۾ صلاحيتون غيرمعمولي هيون، اسان پاڪ??تا?? کي معاشي صلاحيت ۽ تعليمي شعبي ۾ رول ماڊل جي طور تي ڏسندا آيا آهيون. هن چيو ته علامه اقبال جو تمام گهڻو مداح آهيان، قائداعظ?? محمد علي جناح مدبر اڳواڻ هو، پاڪ??تا?? ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ معدنيات، خوراڪ، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا، بدعنواني کان پاڪ ۽ سازگار ماحول سان ڪاروبار کي فروغ ملي ٿو. هن چيو ته ملائيشيا آءِ ٽي، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز ۾ خطي ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظ?? محمد شهباز شريف فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، سندس ٺوس موقف کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سميت جتي به انساني حقن جي پائمالي ٿئي ٿي ان جي مذمت ڪريون ٿا، دنيا کي اقليتن کي انهن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته آسيان دنيا جو پرامن خطو آ??ي، آسيان جو ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي لاءِ ملائيشيا پاڪ??تا?? جي حمايت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ڪم جو جذبو رکي ٿو، اسان گڏجي پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد ۾ هڪ ٻئي کان فائدو کڻي سگهون ٿا، ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪ??تا??ي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪ??تا??ي پروفيشنلز جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، پاڪستان ۽ ملائيشيا معدنيات، خوراڪ، زراعت، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا: ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم
مضمون کا ماخذ : رومن دولت