اسلام آ??اد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو چيني عملي جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد جهنم پهچايو ويندو. دهشتگرد پاڪستاني نه پر پاڪستان جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگر??ي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي. دهشتگر??ي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ