قاهره – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي ا??لاس ۾ شرڪت جي لاءِ قاهره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائين قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن جي 11هين سربراهي ا??لاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ مصر جي سرڪاري دوري تي قاهره پهچي ويو. عرب جمهوريه مصر جي پبلڪ بزنس سيڪٽر واري وزير محمد شميمي ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. 11هين ڊي – 8 سمٽ جو موضوع ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ سمال ميڊيم انٽرپرائيزز کي فروغ ڏيڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سربراهي ا??لاس ۾ وزيراعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي جوڙجڪ جي لاءِ نوجوانن ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم ايز) ۾ سيڙپڪاري جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي حوالي سان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي سربراهي ا??لاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سربراهي ا??لاس جي موقعي تي وزيراعظم جي شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل آهن. 1997ع ۾ استنبول ۾ ق??ئم ڪيل ڊي – 8 آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن، جنهن کي ڊيولپلنگ – 8 پڻ چيو وڃي ٿو، بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، ايران، ملائيشيا، نائجيريا، پاڪستان ۽ ت??ڪيه جي وچ ۾ ترقياتي تعاون جي هڪ ت??ظيم آهي. ان تنظيم جو مقصد ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ آهي ته جيئن اقتصادي ت??قي کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ زراعت، واپار، لڏپلاڻ، صنعت، توانائي ۽ سياحت ۾ بهتري آڻڻ ۽ ت??اون وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي.
وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قاهره پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن