گڏيل قومون-24 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت اداري چيو آهي ته ايشيا کنڊ 2023ع دوران ماحولياتي تبديلين ۽ شديد موسم سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. ورلڊ ميٽرو لوجيڪل جي تازي رپورٽ موجب موسم، آبهوا ۽ پاڻي بابت خطرن سبب ايشيا 2023ع ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آفتن کان متاثر ٿيل خطو رهيو آهي. ان کنڊ کي طوفان ۽ ٻوڏن سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو. رپورٽ ۾ ٻ??اي?? ويو ته 2023ع دوران زمين جي سطح جو گرمي پد، گليشيئرز جي پگهرجڻ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي جهڙين ماحولياتي تبديلين جي رفتار تيز ٿي آهي، خطي جي ڪيترن ئي ملڪن 2023ع دوران رڪارڊ گر??ي ترين سال کي منهن ڏنو، چيو ويو آهي ته ماحولياتي تبديلين اهڙن واقعن جي انگ ۽ شدت کي وڌائي ڇڏيو آهي جيڪي معاشرن، معيشتن ۽ سڀ کان اهم ان??اني زندگي تي گهرو اثر ڇڏيو آهي، 1960ع کان 1990ع تا??ين جي عرصي جي ڀيٽ ۾ ان شدت ۾ تقريبن ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي. 2023ع ۾ اتر اولهه ماٺي سمنڊ ۾ سامونڊي سطح جو گرمي پڌ رڪارڊ تي سڀ کان وڌيڪ هو،ايستا??ين جو آرڪٽڪ کي به سامونڊي هيٽ ويو کي منهن ڏيڻو پيو.ايمرجنسي ايونٽس ڊيٽابيس موجب گذريل سال دوران ايشيا کنڊ پاڻي جي خطرن سان جڙيل 79 آفتن کي منهن ڏنو، جنهن ۾ 80 سيڪڙو ٻوڏ ۽ طوفان بابت هيون جنهن جي نتجي ۾ 2000 کان وڌيڪ فوتگيون ۽ 90 لک ماڻهو سڌو سنئون متاثر ٿيا.رپورٽ ۾ ٻ??اي?? ويو آهي ته آفتن کان وقت سر آگاهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي بهتر تياري سان هزارين ان??اني جانيون بچائڻ سان گڏوگڏ معاشي نقصانن کي به گهٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ ڊبليو ايم او ان حوالي سان پنهنجو?? ڪوششون جاري رکندو.
ايشيا کنڊ ماحولياتي تبديلين ۽ شديد موسم سبب 2023ع دوران سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو: ورلڊ ميٽرو لوجيڪل جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil