ڍاڪا -08 آگسٽ (اي پي پي ) بن??لاديش جي نوبل انعام يافته معاشي ماهر ۽ بينڪر ڊاڪٽر محمد يونس عبوري حڪومت جي سربراهه طور حلف کڻڻ لاءِ پي??س کان وطن واپس روانو ٿي ويو. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب 84 سالن جو محمد يونس علاج لاءِ فرانس جي گادي واري شهر پي??س ۾ موجود هيو. بن??لاديش جي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري حڪومت حلف کڻندي. وطن واپسي جي روانگي کان اڳ پي??س جي چارلز ڊي گال هوائ?? اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته بن??لاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان ۽ وطن واپس روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. رپورٽ موجب بن??لاديش ۾ عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ اقتدار ڇڏي ڀارت ويل اڳوڻي وزير??عظ?? حسينه واجد ۽ ڀارتي حڪومت ۾ موجود سندس خير خواهه ڪنهن يورپي ملڪ ۾ سياسي پناهه جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان: ڊاڪٽر محمد يونس
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم