اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هن هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي، اسان تي سرڪاري ناڻي جي گهپلن يا ڪرپشن جا الزام نه آهن پر شريف خاندان جي نجي ۽ ذاتي ڪاروبار ۽ معاملن کي الجهايو ۽ اڇاليو پيو وڃي، ملڪ ۾ شريف خاندان کانسواءِ ڪو اهڙو خاندان نه آهي جنهن جي ٽن نسلن جو بي رحماڻو احتساب ٿيو هجي، نه ته اڳ ۾ اسان جي دامن تي ڪو ڪرپشن جو داغ هو نه ئي ??اڻي ائين ٿيندو، مخالف جيترا چاهين الزام هڻن، سازشون ڪن، اهي ناڪام ٿيندا، ايندڙ سال 20 ڪروڙ عوام جي وڏي عدالت ۽ وڏي جي آءِ ??ي لڳڻ واري آهي جيڪا 2013ع کان به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ا??ان جي حق ۾ فيصلو ڪندي. پاناما دستاويزن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آءِ ??ي آڏو پيش ٿيڻ کانپوءِ جڊيشل ڪميشن اڪيڊمي ٻاهران اٽڪل ٽن ڪلاڪن کان انتظار ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هو جي آءِ ??ي آڏو پنهنجو موقف پيش ڪرڻ آيو آهي، هن چيو ته منهنجي سمورن ا??اثن ۽ وسيلن جا دستاويز اڳ ۾ ئي ??اڳاپيل ادارن سميت سپريم ڪو??ٽ وٽ موجود آهن، اڄ مون هڪ ڀيرو ٻيهر اهي سڀ دستاويز جي آءِ ??ي کي ڏنا آهن، هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته آئين ۽ قانون جي سربلندي جي حوالي سان اڄوڪو ??ين??ن سنگ ميل جو درجو رکي ٿو، منهنجي حڪومت ۽ منهنجي سموري خاندان پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ ??يش ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان