راولپنڊي – 09 آگسٽ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته راولپنڊي جو فيصلو سڄي ملڪ جو فيصلو هوندو آهي ۽ راولپنڊي پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، منهنجي خلاف سدائين سازش??ن ٿيون آهن ۽ هاڻي وري بنا ڪن??ن سبب جي مون کي اقتدار تان لاٿو ويو آهي، عوام مون کي بحال نه ڪرائي پر ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ منهنجو ساٿ ڏي، جيستائين عوامي مينڊيٽ جي عزت نه ڪئي ويندي تيستائين ملڪ ترقي نه ڪندو. لاهور ويندي راولپنڊي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي پنهنجي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪ??و ويو آهي، ان کان اڳ ۾ مون کي هٽا??و ويو ۽ جيل ۾ وڌو ويو. هن چيو ته مون کي اهو چ??و ويو ته تو پنهنجي پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي ته اها منهنجي مرضي آهي ته آئون وٺان يا نه وٺن ۽ جڏهن مون پگهار ناهي ورتي ته پوءِ ان کي گوشوارن ۾ ڇا لاءِ ظاهر ڪريان.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا