اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي حوالي سان گٿا ۽ نامناسب لفظن جي استعمال تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙن لفظن جو استعمال آئين کي مجروح ڪرڻ جي برابر آهي جنهن تحت اسان حلف کنيو آهي، ان جو تحفظ هر ميمبر جي ذميد??ري آهي ۽ عوام ئي ملڪ جي نظام ۽ مقبول پارٽي جي حق ۾ ووٽ ڏئي فيصلو ڪرڻ جي مجاز آهي، ملڪ ۾ ڪهڙو نظام هجي ۽ ڪهڙي پارٽي کي اقتدار جو حق آهي هي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، ڪ??هه ماڻهو پنهنجي مرضي مڙهيندا ته هي عوام جي راءِ جي حق تي راتاهو لڳائڻ جي برابر هوندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان غير ر??مي ڳالهه ٻولهه ڪندي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي حوالي سان جيڪي لفظ استعمال ٿيا آهن ان تي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت