اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪراچي جهاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وين??يو??، ڪراچي جهاز حادثي جي شفاف جاچ جي ل??ءِ ترڪيءَ ۽ ٻين عالمي شهرت يافته ايئرلائينز جي ايئربس جا سينيئر ترين پائليٽس به جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا، 56800 کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پا??ستانين کي وطن واپس آڻي چڪا آهيون، ماضي ۾ پائليٽن جعلي ل??ئيسنس پڻ حاصل ڪيا، ان جي به مڪمل جاچ ڪرائي ويندي، پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل ۽ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي حوالي سان شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هوائي حادثا اسان جي ل??ءِ شرمندگي جو سبب آهن، شفاف جاچ ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته 22 مئي تي ??دقسمت جهاز سوا هڪ وڳي ل??هور کان ڪراچي جي ل??ءِ اڏام ڀري ۽ 2 لڳي 39 منٽن تي ??ادثي جو شڪار ٿيو. ان ۾ 97 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ٻه خوشقسمت ترين ماڻهو الله جي ڪرم سان محفوظ رهيا. اهي ٻئي ماڻهو تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. ڪل 99 مسافر هئا جن ۾ ٻه ڪاڪ پٽ ڪريو ۽ 6 ڪيبن ڪريو هئا. 97 شهادتن مان 95 ميتين کي ڊي اين اي ذريع?? سڃاتو ويو. انهن جي پونئيرن کي سرڪاري خرچ تي ??هايو ويو.
ڪراچي جهاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون: غلام سرور خان
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria