رياض_06 سيپٽمبر(اي پ?? پي) سعودي عرب تيل جي پ??داوار ۾ روزاني 10 لک بيرل جي رضاڪاراڻي گهٽتائي واري پاليسي ۾ ڊسمبر تائين توسيع ڪري ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب تيل جي پ??داوار ۾ گهٽتائي جي پاليسي جيڪا هلندڙ سال جولاءِ ۾ لاڳو ڪئي وئي هئي ڊسمبر 2023 تائين جاري رهندي، نئين فيصلي کان پوءِ سعودي عرب جي آڪٽوبر نومبر ۽ ڊسمبر ۾ تيل جي پ??داوار 90 لک بيرل رهندي، رپورٽ موجب ان فيصلي تي هر مهيني نظر ثاني ڪئي ويندي ته پيداوار ۾ گهٽتائي ڪرڻي آهي يا اضافو، واضع رهي ته سعودي عرب جي تيل جي پ??داوار ۾ گهٽتائي جو اهو في??لو ان فيصلي کان ڌار آهي جيڪو اپريل 2023 ۾ ڪيو ويو هو جيڪو 2024 تائين لاڳو رهندو، رضاڪاراڻي طور تي ڪيل فيصلي جو مقصد انهن حفاظتي ڪوششن تي زور ڏيڻ آهي جيڪي او??يڪ پلس پاران تيل جي مارڪيٽ ۾ استحڪام آئڻ لاءِ ڪيون پيو وڃن.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ