واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ??هر سان فرانسسڪو ۾ فلسطين جي حامين مظاهري دوران گولڊن گيٽ پل کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جي اچ وڃ بند رهي. اي ايف پي م??جب گذريل ڏينهن سان فرانسسڪو ۾ شهرين غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت خلاف ۽ مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ مظاهرو ??يو ۽ ??هر جي مشهور پل گولڊن گيٽ برج کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رهي. فضائي فوٽيج ۾ پل تي ٽريفڪ جي رڪيل رواني کي ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ٻئي رخ ۾ رستا ويران ۽ پوليس جي م??جودگي ڏيکاري وئي آهي. مظاهرو ڪندڙن ??ذريل ڏينهن فلاڊيلفيا ۾ شاهران ۽ شڪاگو جي اوهيئر عالمي ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستو به بند ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري مسافرن کي ايئرپورٽ ڏانهن پنڌ وڃڻو پيو. هوڏانهن ڪينيڊا، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، ڪولمبيا ۽ بيلجيئم ۾ به اسرائيل خلاف مظاهرن جي رٿابندي ڪئي وئي. واضح رهي ته آمريڪا ۾ احتجاج ان وقت سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪي صدر جوبائيڊن کي پنهنجي پارٽي اندر اسرائيل جي حمايت جاري رکڻ تي تنقيد کي م??هن ڏيڻو پيو آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب غزه م هاڻي تائين گهٽ م گهٽ 33797 شهرين شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي.
غزه ۾ اسرائيل جي بربريت خلاف سڄي آمريڪا ۾ مظاهرا، ٽريفڪ جي آمد رفت معطل
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria