رياض -30 اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته هن وقت جنگ بندي ۽ غزه جي شهرين جي ڏکيائين جو حل فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي: ايس پي اي مطابق هن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪند?? چيو ته غزه ۾ فوري ۽ مستقل جنگ بندي به انتهائي ضروري آهي. سعودي پرڏيهي وزير فلسطيني عوام جي حقن ?? خوداراديت واري حق جي حوالي س??ن سندن خواهشن کي نظر ۾ رکند?? چيو ته اهو حاصل ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ته ڊگهي عرصي کان جاري جدوجهد جو خاتمو ٿيندو ۽ امن ۽ سلامتي ذريعي سهڪار ۽ ترقي جا گهڻا موقعا ميسر ٿيندا. هن چيو ته سعودي عرب ۽ آمريڪا ٻه طرفي معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي مرحلي ويجهو پهچي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته فلسطيني رياست جي قيام تائين پهچڻ لاءِ هڪ رستو گهربل آهي. مڪمل جنگ بندي کان پوءِ ٻئي مرحلي جي شروعات ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا