گڏيل قومون – 23 سيٽمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ان خدشي ج?? اظهار ڪيو آهي ته اسرائيل لبنان ۾ پڻ غزه جهڙي تباهي م??ائي سگهي ٿو. اها ڳالهه هن عالمي ميڊيا س??ن ڳالهائڻ دوران چئي.پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان ۾ گڏيل قومن جي خصوصي ڪوآرڊينٽر جينين هينس پلاس ??ارٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته وچ اوڀر هن وقت وڏي تباهي ج?? ڪناري تي پهچي چڪو آهي. هن چيو ته وچ اوڀر جي تڪرار جو ڪو فوجي حل ممڪن ناهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته سندس حڪومت وچ اوڀر ۾ هڪ وسيع جنگ کي شروع ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. يورپي يونين چيو آهي ته کيس وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي انتهائي ڳڻتي آهي، جڏهن ته برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي غزه ۽ ڏکڻ لبنان ۾ فوري ج??گ بندي ج?? مطالبو ڪيو آهي . غزه ۾ جاري ج??گ ۾ حزب الله بعد عراق ۾ هڪ عسڪري گروپ طرفان اسرائيل طرف 2 پروجيڪٽائل فائر ڪيا ويا آهن. ان صورتحال ۾ اسرائيلي حڪومت پنهنجي اترئين سرحدي علائقي کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. اتي اسڪول بند ڪيا ويا آهن ۽ اسپتالن ۾ علاج هيٺ مريضن کي زمين هيٺ منتقل ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ کان منع ڪيو ويو آهي. خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي بعد آمريڪا ۽ اردن به لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.
عالمي برادري پاران وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان