اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ دواسازي جي شعبن ۾ وسيع تر حصيداري سان سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي ??ور ڏنو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ سينيگال جي صدر ميڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران وزيراعظم ٻطرفي واپار کي 30.469 ملين ڊالر ساليانو جي موجوده سطح کا?? وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪ??ڻ تي ??ور ڏنو. هن وقت پاڪستان جي سينيگال جي لاءِ ساليانو روانگي واپار 29.33 ملين ڊالر آهي جڏهن ته سينيگال سان آمدني واپار جو ڪاٿو 1.06 ملين ڊالر آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سينيگال جي صدر پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربر??هي ڪئي. وزيراعظم نواز شريف سينيگال جي صدر تي ??ور ڀريو ته هو چمڙي ۽ هلڪي انجنيئرنگ جي مصنوعات، زرعي مشينري ۽ ساز و سامان سميت پاڪستاني مصنوعات مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي واپار واري وزير جي سربر??هي ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيگال کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔