اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يو??يورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ لاءِ آن لائين تعليم ۾ اضافو ڪن ۽ تحقيق ۽ جدت تي ڌيان ڏين، تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي تيار ڪرڻ لاءِ يو??يورسٽين جي ويزن جي جوڙجڪ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ص??ر ۾ نيشنل يو??يورسٽي آف ماڊرن لينگويجز، اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ تعليم جي فروغ ۾ يو??يورسٽين جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته يو??يورسٽي جي مختلف پروگرامن ۾ 22 هزار شاگرد داخل ٿيا ۽ 77 هزار کان وڌيڪ شاگردن گريجوئيشن ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته يو??يورسٽي مالي سال 21 – 2020ع دوران معذور ماڻهن سميت شاگردن کي 340 ملين روپين جون اسڪالرشپس فراهم ڪيون آهن، صدر ملڪ جي تعليمي ترقي ۾ يو??يورسٽي جي ڪردار کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ ??عليمي ادارن کي فڪري طور تي اعليٰ گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يو??يورسٽي مئنيجمينٽ کي چيو ته اها آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ قائم ڪري ته جيئن نوجوانن کي روزگار جي مهارت فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اهي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ حصو وجهي سگهن. صدر مختلف زبانن ۾ تحقيق ۽ ڇپائي جي شعبن ۾ نمل يو??يورسٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.
يونيورسٽيون ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ لاءِ آن لائين تعليم ۾ اضافو ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس