اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ذخيره اندوزن جي پ??ڀرائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪراچي ۾ آهي، 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪو هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي ته سامهون آڻي. بلاول زراري جي خطاب تي ردعمل ۾ مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته خيبرپختونخواهه جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جو ناڪام ترين جلسو ٿيو آهي ته اهو پيپلزپارٽي جو آهي، ڪاش بلاول اڄ سنڌ ۾ 13 سالا اقتدار جي ڪارڪردگي پ?? پيش ڪري ها. مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين ۾ جڏهن ته ڪراچي ۾ 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وڃي ٿي ۽ جڏهن معاملو اوپن ٿئي ٿو ته چيو وڃي ٿو ته ڪوئا کائي ويا آهن، ڪاغذن ۾ سنڌ ۾ اربين رپيا صحت ۽ تعليم جي شعبي تي خرچ ٿيا پر اڄ به سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمبولينس نه آهن، تعيلمي ادارن ۾ جانور ٻڌل نظر اچن ٿا. مملڪتي ??زير چيو ته سنڌ جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن ۽ لينڊ مافيا جي رحم تي ڇڏيو وي?? آهي، جعلي ڊوميسائيل تي ??وڪرين جو اعزاز به پيپلزپارٽي حڪومت کي ئي حاصل اهي، گرين لائين، سنڌ جي پ??تي پيل علائقن جي ترقي، نالن جي صفائي سميت هر وڏو ڪم وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت سواءِ ڪرپشن جي ڪجهه نه ڪري رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته بلاول جي ڳالهين مان ثابت ٿي چڪو آهي ته پيپلزپارٽي جو مقابلو پي ڊي ايم سان آهي، اهي پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهندا، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ٻنهي پ??هنجي پ??هنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، بلاول جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ ڌائڻ چاهيون ٿا ته پيپلزپارٽي 7 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، اسان جي حڪومت ماضي جي تمام گهڻن قرضن ۽ انهن تي ??ياج جي ادائيگي جي لاءِ باهريان قرض وٺڻ تي ??جبور آهي، بلاول احب واقعي ئي سنڌ ۾ عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻجي وي?? آهي، سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کان هر صورت ۾ ڇوٽڪارو چاهي ٿي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي، سواءِ بلاول، شهباز جي سڀ ڄاڻين ٿا، ماضي ۾ اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان معيشت هلائيندڙ اڄ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف بيٺل آهن، پيپلزپارٽي کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ جدا اليڪٽورل ڪاليج جي تجويز ان وقت ڇو ياد نه آئي جڏهن انهن جي پ??هنجي حڪومت هئي، بلاول جلسن ۾ شهيدن کي سلام ته ڪري ٿو پر اڄ تائين دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن جي گهر ناهي وي??. مملڪتي ??زير فرخ هبيب چيو ته 2018ع جي چوندن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ان کي پ??رو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان اڳوڻي فاٽا سميت سمورن پٺتي پيل علائقن ۽ انهن جي عوام کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، پيپلزپارٽي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ به ڪرپشن جو بازار گرم هو. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته سماجي تحفظ جي لاءِ احساس پروگرام جي لاءِ هلندڙ س??ل 260 ارب رپيا رکيا ويا آهن، احساس تحت 34 پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آهن.
پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria