اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽرٽ موجب ايف بي آر چيئرمين سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي تفتان جي ويجهو پاڪستان ايران ب??رڊر تي بازاچي جي قيام جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته مقامي واپاري برادري کي سهولت فراهم ??رڻ لاءِ بازارچي جي قيام جو منصوبو شروع ڪيو آهي، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جلد ئي ان ب??زارچي جو افتتاح ڪندو، سينيٽ چيئرمين ايف بي آر جي پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته واپاري سرگرمين جي فروغ لاءِ ۽ مقامي واپارين کي تحفظ فراهم ??رڻ جي خاطر اهڙن منصوبن جو آغاز ??رڻ جي ضرورت آهي، جنهن جو معيشت تي مثبت اثر پوندو. سينيٽ چيئرمين ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور تعاون جي خ??طر?? ڪرائي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل م به ايف بي آر پاران اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : رومن دولت