رياض_22 نومبر(اي پي پي) سعودي عرب ۾ ٽرانسپورٽ جنرل اٿارٽي (ٽي جي اي لمجدوعلي لاجسٽڪ ڪمپني جي سهڪار سان پهريون هائيڊروجن ٽرڪ لانچ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽي جي اي اهو منصوبو سعودي ويزن 2030 جي مقرر ڪيل هدفن م??جب آهي جنهن م??جب ملڪ کي ڪاربن گدلاڻ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ آهي، ٽي جي اي ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ته هائيڊروجن ٽرڪ ڪاربن فري آهي ، ان سان لاجسٽڪ خدمتن ۽ ٽرانسپورٽ جي قومي حڪمت عملي جو هدف پورو ڪرڻ آهي، ٽرڪ سلامتي جي ضابطن م??جب سامان جي چرپر لاءِ خاص طريقي سان ڊيزائن ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل ٽرڪ ۾ 35 ڪلو گرام تائ??ن هائيڊروجن جي گنجائش آهي، ٽي جي اي ٻڌايو ته المجدوعي ڪمپني کي ملڪ ۾ هائيڊروجن ٽرڪ آپريٽ ڪرڻ لاءِ پهريون لائسنس جاري ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے