واشنگٽن-19 جنوري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران و?? ۾ ??ِڪتاڻ واري صورتحال جو ويجهي کان مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو ته هو ڇِڪتاڻ ۾ اضافي کان پاسو ڪن. اهڙو اظهار وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي مشير جان ڪربي ايئرفورس ون ۾ صدر جوب??ئي??ن سان سفر ڪندڙ صحافي سان ڳالهائيندي ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وٽ وڏي تعداد ۾ هٿيار آهن ۽ اسان انهن و?? ۾ ??ِڪتاڻ ۾ واڌ نٿا ڏسڻ چاهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان واضح طور تي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ ڇِڪتاڻ ۾ واڌ نٿا ڏسڻ چاهيون ۽ اسان پنهنجي پاڪستاني هم منصبن سان رابطي ۾ آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي فوجي ڪاررواين تي پاڻ ٻُڌائيندو، هو ان با??ي ۾ محتاط رهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته آمريڪا کي ان با??ي ۾ ڪا ڄاڻ نه هئي ته پاڪستان جوابي حملو ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي آمريڪي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر نيوز بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان ۽ ايران و?? ۾ ??ِڪتاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ وڌڻ نه گهرجي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان آمريڪا جو هڪ وڏو نان نيٽو اتحادي ملڪ آهي. ميٿيوملر چيو ته ايران ۽ پاڪستان ڇِڪتاڻ جو تعلق غزه جي تڪرار سان ناهي، پر خطي ۾ ڪشيدگي کي ڏسندي تڪرار ۾ واڌ جو خطرو آهي. ميٿيوملر چيو ته اسان 7 آڪٽوبر کان شروع ٿ??ل تڪرار جي وڌڻ جي امڪانن جي با??ي ۾ قابل يقين حد تائين فڪرمند آهيون ۽ ان ئي سبب اسان ڇِڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ سخت سفارتي ڪوششون ڪيون آهن. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن وچ ۾ تعاون تي ٻَڌل لاڳاپن جي اهميت جي با??ي ۾ پاڪستان حڪومت جا تبصرا ٻُڌا آهن جيڪي اسان جي خيال ۾ نتيجو ڏيندڙ ۽ مفيد بيان هئا. هن چيو ته ٻئي ڌريون يقيني طور تي ڇِڪتاڻ ۾ اضافي سان پاسو ڪن ۽ تحمل کان ڪم وٺن.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇِڪتاڻ واري صورتحال جو ويجهي کان مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena