نئين دهلي – 02 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن جي ناميارن ڀارتي اڳواڻن، ججن، ليکڪن ڀارتي صدر مودي سرڪار کي هڪ خط اماڻيو آهي جنهن ۾ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي ترت بند ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب هنن بچاءَ واري وزير را?? ناٿ سنگهه جي نالي خط ۾ لکيو آهي ته ڀارت کي گ??رجي ته هو اسرائيل کي فوجي سام??ن جي فراهمي ۾ پنهنجو سهڪار ??وري طور معطل ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ته اسرائيل کي پهرين کان فراهم ڪيل هٿيار ??سل ڪشي يا عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين لاءِ استعمال نه ٿين. خط لکندڙن ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جا اڳوڻا جج، معاشي ماهر، انساني حقن جا اڳواڻ ۽ ليکڪ شامل آهن. جن ۾ ڀارتي مشهور ليکڪه ۽ مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندڙ ارون ڌتي را??ِ به شامل آهي. هنن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته بچاءَ واري وزارت ڀارتي ڪمپنين طرفان اسرائيل کي فوجي هٿيارن ۽ گولابارود جي سپلائي جي سمورن موجوده لائسنسز جو جائزو وٺي ۽ اهي رد ڪري.
ڀارت اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪري: مودي کي خط
مضمون کا ماخذ : راکی