اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حرمين الشريفين طرف بري نظر سان ڏسندڙن کان وڏو شيطان ۽ انهن کان وڌيڪ ڪن??ڙي?? جو مستحق ڪير نه آهي. هو هتي پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ندائي امت ڪانفرنس کي خطاب ڪري ره??و هو. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب، فلسطين، اردن، يمن جي سفيرن، عالم سڳورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي جن ڪوئيٽا دهشتگردي ۽ سعودي عرب ۾ دهشتگرد حملن جي س??ت لفظن ۾ مذمت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان علماءِ ڪائونسل پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ ره??دڙ مسلمانن جي ٿورن جي مستحق آهي جن امن جي سوچ کي وٺي دنيا ۾ اسلام جي اصل تشخص کي اجاگر ڪيو ۽ ان سوچ جو رستو روڪيو جنهن ذريعي دهشتگرد زبان بدران هٿيار کڻي محبت بدران نفرت ۽ امن بدران فساد پکيڙي منهنجي ۽ توهان جي دين کي بدنام ڪري ره??ا هئا.
حرمين الشريفين طرف بري نظر رکندڙ سڀ کان وڏو شيطان آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado