اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته پاڪست??ن تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان مايوس شخص آهي، مسلسل شڪستون اچڻ کانپوءِ سندس مايوسي هاڻي پريشاني ۾ تبديل ٿي وئي آهي. پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام فوڪس پاڪستان ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي تق??ير ۽ بيانن سميت عمران خان جي سمورن قدمن مان پريشاني واضح آهي. پاناما پيپرز جو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ آهي ۽ ان جي ٻڌڻي به ٿي رهي آهي، ڌرين جا وڪيل به پيش ٿي رهيا آهن پر عمران خان عدالت کان ٻاهر پ??هن??ي عدالت لڳائي رهيو آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ سٺي ڳالهه نه آهي ۽ نه ئي قانون ان جي اجازت ڏ?? ٿو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس