اسلام آباد – 22 جنوري (اي ??ي پي) وزيراعظم شاهد ??اق??ن عباسي چيو ??هي ته اين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام وڏي صاف ۽ شفاف انداز ۾ هلايو ??هي اسان کي ڪنهن اين آر او جي ڪا ضرورت نه آهي، گاريون ڏيندڙن سان ڪهڙيون سياسي ڳالهيون ڪيون وڃن؟ انهن سان ڳالهيون ايندڙ چونڊن جي موقعي تي ئي ٿينديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان م??اق??ت دوران ڪيو جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس م??اق??ت ڪئي. وزيراعظم شاهد ??اق??ن عباسي ??ي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ پارليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃي ٿي. سياسي ڳاله ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيا آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ هر سياسي ??ارٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري رهي ??هي ته اها ڪهڙي طرح ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي.
مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام شفاف انداز ۾ هلايو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II