اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو آهي ته ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي ڪيس ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو آهي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ناٺي کي دبئي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، اسڪينڊل ۾ افتخار چوڌري جي پٽ، ڌي ۽ سيڻ جو نالو به آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو ناٺي مرتضيٰ امجد ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جو مالڪ آهي جيڪو دبئي فرار ٿي ويو هو، ا?? جي گرفتاري جا وارنٽ نيب جاري ڪيا هئا، وزيراعظم عمران خان ڪيس جي حوالي سا?? 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سا?? ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو ته هاڻي پاڪستا?? جي اندر طاق??ور جو به احتساب شروع ٿي چڪو آهي، وزيراعظم جي لاهور دوري جي موقعي تي ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جي متاثر ماڻهن وزيراعظم هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا