اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) سيفران واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته گهرو وزير بدران افغان انتظاميه م??ظور پشتين کي طاهر داوڙ جي ميت ڏيڻ جي لاءِ تيار هئي، ميت حوالگي جي وقت پاڪستان جي جهنڊي سان جيڪو ڪجهه ٿيو يا پاڪستان جي حوالي سان جيڪي ريمارڪس ڏنا ويا اهي هتي بيان نٿا ڪري سگهجن، مخالف ڌر ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي ذريعي سمورا تفصيل حڪومت کان طلب ڪري سگهي ٿي، ان مسئلي تي سياست نه ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران طاهر داوڙ جي اغ??ا ۽ ان کانپوءِ کيس قتل ڪرڻ جي حوالي سان خرم دستگير جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ هڪ نئون قانون ب??ايو ويو ته م??ڪ جي ڪنهن به حصي ۾ رهندڙ پختون کي 1979ع کان پهرين جي ملڪ ۾ موجود هجڻ جا ثبوت فراهم ڪرڻا آهن.
مضمون کا ماخذ : bolão quina