لاهور – 18 جول??ءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري ملاقات ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڄي چڪو آهي، ثابت ٿيو ته منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽ کي شهباز شريف پنهنجي ٻه نمبري جي ل??ءِ استعمال ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ڪرپشن جي ڪري مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پنهنجي ملڪ کي به ريسڪيو ڪري رهي ??هي پر مخالف ڌر کي ان سان به پريشاني ٿي آهي، مخالف ڌر جي قسمت ۾ روئڻ لکجي چڪو آهي، عوام انهن ٻهروپن جي سياسي ڍونگ ۾ نه ايندي، اهي سڀ پنهنجي سياست جي ٻڏل ٻيڙي کي بچائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام هاڻي باشعور ٿي چڪي آهي، اها ملڪ جو رت چوسيندڙن جي افراتفري تي ڌيان نه ڏيندي، انه?? جون رڙيون رڳو ڦريل مال کي بچائڻ جي ل??ءِ آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سدائين ڦرلٽ کي اختيار ڪيو ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.
سينيٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد