اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اسلامي فلاحي رياست بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي، حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پروگرام متعارف ڪرايا آهن، اسان چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، ان لاءِ مخالف اسان جي خل??ف گوڙ ڪري رهيا آهن، اسان کي آزاد عدليه ۽ ميڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي، ماضي ڪنهن به حڪومت ميڊيا کي تنقيد جي ايتري آزادي نه ڏني جيتري اسان ڏني آهي، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪئي وئي ۽ الزام لڳايا ويا، ميڊيا ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اسان جي خل??ف آهن، نوجوان نوان آئيڊيا آڻين، حڪومت پوري طرح حمايت ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام تحت نوج??ان?? لاءِ ڊجيٽل ميڊيا انٽرنشپ جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين به موجود هو، وزيراعظم ??يو ته هن پروگرام جو آغاز خوش آئنده آهي، نوجوان اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن، وزيراعظم ??يو ته نوج??ان?? پاڻ کي گهٽ نه سمجهن، مون ڪرڪيٽ ۾ گهڻيون مشڪلاتون ڏٺيون پر ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ ڪوششون جاري رکيون. هن چيو ته الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي، وڏا خواب ڏسندڙ ۽ ان لاءِ محنت ڪندڙ ئي وڏا انسان ٿين ٿا، ۽ اهي مشڪلاتن کان ناهن گهٻرائيندا، وزيراعظم ??يو ته دنيا ڊجيٽل طرف وڃي پئي ۽ ايندڙ دور ڊجيٽل جو آهي، نوجوان پنهنجين صلاحيتن جو استعمال ڪندي وڏن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهن ۽ پنهنجي سوچ بلند رکن، هن چيو ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ر??ن ٿا هڪڙا اهي جيڪي پاڻ لاءِ سوچين ٿا ٻيا اهي جيڪي ٻين لاءِ سوچيندا آهن. وزيراعظم ??يو ته انٽرنشپ حاصل ڪندڙ پاڪستان جي ويزن ۽ مقصد کي اڳيان وڌائن، پاڪستان بڻائڻ جو مقصد هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ هو جيڪو مثالي ۽ سلامي رياست ٺهي، اسلامي رياست خوددار هوندي آهي جيڪا ڪنهن جي به آڏو ناهي جهڪندي، اسان کي هڪ خوددار قوم بڻجڻو آهي، اسلامي رياست جي ٻي خاصيت انسانيت جو احساس هوندي آهي ۽ اسان ان جي لاءِ ئي احساس پروگرام شروع ڪيو. خيبرپختونخوا ۾ هر خاندان کي اسان صحت انشورنس فراهم ڪئي آهي. بي گهرن لاءِ پناهگاهون قائم ڪيون آهن، هن چيو ته ماڻهن جي ڀلائي جو ڪم پاڪستان ٺهڻ سان ئي شروع وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته ڪو به معاشرو انصاف کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. اسلامي رياست ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي جتي قانون جي حڪمراني نه هجي ته اها بنانا ريپلڪ هوندي آهي، وزيراعظم ??يو ته اسان جي حڪومت ۾ ميرٽ جو نظام آهي ۽ سرڪاري عهدا ڪنهن خاندان جي ماڻهن لاءِ نه آهن، اسان طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته مخالف شور مچائڻ شروع ڪن ٿا، ڇو ته اسان چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، وزيراعظم ??يو ته پهرين صرف ڪمزورن کي جهليو ويندو هو ۽ طاقتورن جي خل??ف ڪير به ڪارروائي نه ڪندو هو. مخالفين اين آر او گهرن ٿا ۽ چاهين ٿا ته انهن کي نه جهليو وڃي، وزيراعظم نوج??ان?? تي زور ڏنو ته هو سچ تي قائم رهن ۽ حقيقتون بيان ڪن ڇو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ جي ڪا به عزت ناهي هوندي، وزيراعظم ??يو ته صحافت ۾ ساک جي وڏي اهميت هوندي آهي، ڪوڙيون خبرون ڏيندڙن جي عزت نٿي رهي، تنقيد سدائين سچ جي بنياد تي هجڻ گهرجي، اسان کي آزاد عدليه ۽ ميِڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي ڇو ته اسان جي حۡڪومت نه قانون ٽ??ڙي ٿي نه ئي ڪرپشن ڪري ٿي، وزيراعظم ??يو ته هو چئلينج ڪري ٿو ته ميڊيا کي جيتري آزادي هن وقت آهي اها ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ملي، ٽن سالن ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اسان جي خل??ف هلايون ويون، جيترا بهتان ۽ الزام منهنجي مٿان ۽ منهنجي وزيرن جي مٿان هنيا ويا دنيا ۾ ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ائين نٿو ٿئي، هن ان سلسلي ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نامزدگي بابت ٽن اخبان ۾ پهرين صفحي تي شايع ٿيندڙ خبرن جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن انگلينڊ ۾ ڪا به اخبار اهڙي طرح جي خبر ڏئي ها ته ان جي خل??ف ملين ڊالر جو کٽي شوڪت خانم جو عطيو ڪريان ها، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪئي وئي. وزيراعظم ??يو ته رياست ميڊيا کي ماضي ۾ پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ۽ حڪمران ميڊيا کي رشوت وسيلي ڪنٽرول ڪندا هئا، هن نوج??ان?? تي زور ڏنو ته هو سچ کي پروموٽ ڪن ۽ رياست جي مقصد ۽ ويزن کي اڳيان وڌائن، هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوج??ان?? لاءِ وڏا موقعا موجود آهن هو نون آئيڊياز سان اڳيان اچن، حڪومت انهن جي سپورٽ ڪندي، واضح رهي ته ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام وزيراعظم جي ان ويزن جو حصو آهي جنهن تحت نوج??ان?? کي جديد هنر سان ليس ڪرڻ آهي، ان پروگرام تحت اهل نوجوان ٽ?? مهينن تي ٻڌل مشهور سوشل ميڊيا ڪمپنين، فيس بڪ، گوگل، يوٽيوب ۽ ٽيوٽ جي ماهرن کان ٽريننگ حاصل ڪندا. جنهن کانپوءِ کين سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا، گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي انهن نوج??ان?? کي انٽرنشپ دوران معاوضو به ادا ڪندو.
پاڪستان اسلامي فلاحي رياست بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais