اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته قانون جي بالادستي حڪ??مت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪ??مت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انصاف جي فوجداري ن??ام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي، جنهن سان حڪ??مت جي قانون جي بالادستي جي منشور کي عملي جامعو پارائي سگهبو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪ??مت جي انصاف جي فوجداري ن??ام ۾ سڌارن تي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير??عظ?? عمران خان چيو ته قانون جي بالادستي حڪ??مت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وقت سان گڏوگڏ فوجداري ن??ام ۾ انتهائي اهم تبديليون نه ٿيڻ جي ڪري ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ قانون ۾ فرق وڌندو ويو. هن چيو ته حڪ??مت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوجداري ن??ام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي، سڌارن کي لاڳو ڪرڻ سان حڪ??مت جي قانون جي بالادستي جي منشور کي عملي جامعو پارائي سگهبو. اجلاس ۾ وزير??عظ?? کي حڪ??مت جي ملڪ ۾ انصاف جي فوجداري ن??ام ۾ سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حڪ??مت ملڪ جي 70 سالا ت??ريخ ۾ پهريون ڀيرو ان ن??ام ۾ وڏيون تبديليون آڻي رهي آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي اتفاق راءِ سان فيصلاسازي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ قانون ۾ تبديلي جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو بيسٽ پريڪٽسس کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي. نئين ن??ام ۾ ايف آءِ آر جي ڊيجيٽلائيزيشن، ٽرائل جي طريقيڪار، اپيل، اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ذريعن سان ثبوت گڏ ڪرڻ، فوجداري ن??ام ۾ عالمي معيار سان هم آهنگ جديد اوزارن جو استعمال، پلي بارگين جي طريقيڪار ۾ تبديلي، وڊيو کي ثبوت طور استعمال ڪرڻ شامل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فوجداري قانون ۾ نيون ڏوهاري شقون تجويز ڪيون ويون آهن جن ۾ عورتن جي تحفظ جا قانون جهڙوڪ Stalking of Women Offence پڻ شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي پي سي ۽ سي آر پي سي ۾ ترميمون پڻ انهن سڌارن جو حصو آهن. تجويز ڪيل ترميمن جو بل جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري کانپوءِ نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام ۾ بهتري ايندي پر اهڙا ڏوهاري ماڻهو جيڪي جدت اچڻ کانپوءِ پراڻي ن??ام ۾ سزائون نه هجڻ جي ڪري قانون جي پڪڙ کان ٻاهر هئا انهن جي خلاف به موثر ڪارروائي ممڪن ٿي سگهندي. وزير??عظ?? قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ قانون واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ قانوني ماهرن جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سڌارن کي ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، قانون واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ قانون واري وزارت جي صلاحڪارن شرڪت ڪئي.
قانون جي بالادستي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے