رياض-21 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب آمريڪا پاران غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي ويٽو ڪرڻ ??ان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جومطالبو ڪيو آهي. روس جي ميڊي?? جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب الجزائر پاران ??يش ڪيل غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ ??ان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت غزه پٽي ۽ ان جي پسگردائي ۾ فوري طور تي جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل مسودي کي ويٽو ڪرڻ ??ي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا هن وقت تمام گهڻا ضروري آهن جيڪي ٻٽي معيار جومظاهرو ڪرڻ ??ان سواءِ عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي پنهجي ذميواري کي پوري ڪري سگهن. بيان ۾ غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي فلسطيني شهرين جي زبردستي لڏپلاڻ کي رد ڪندي ٻه طرفي رياستي حل جي عزم تي زور ڀريو آهي.
سعودي عرب پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت