ليما -10 جولاءِ (اي پي پي) پير?? ۾ 22 سال اڳ لاپته ٿيل آمريڪي جبل چاڙهو جو لاش اينڊيز جي پهاڙي سلسلي تي برف ڳرڻ جي نتيجي ۾ پاسپورٽ ۽ ٻئي سامان سميت ملي ويو آهي. ميڊيا مطابق 59 سالن جي وليم اسٽامپفل جون 2002ع ۾ ان ??قت گم ٿي ويو هو جڏهن صوبي يونگي ۾ 22 هزار فٽ بلند ”هواسڪرن“ جبل تي برفاني ڇپ ڪرڻ کان سبب ان هيٺان اچي هو گم ٿي ويو. پيرو جي پوليس ٻڌايو ته وليم اسٽامپفل جو لاش، ڪپڙ??، جبل چڙهڻ وارو سامان ۽ پاسپورٽ سڀئي انتهائي گهٽ گرمي پد جي ڪري محفوظ رهيا جن مان پوليس کي ان جي سڃاڻپ ۾ مدد ملي. ياد رهي ته وليم اسٽامپفل ٻيو سياح آهي جنهن جو لاش انهن جبلن وچ مان مليو آهي، ان کان پهرين 41 سالن کان پوءِ لاپته ٿيل عورت جبل چاڙهو م??رٽا اميليا الٽميرانو پيٽي جو لاش گذريل سال مليو هو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا