واشنگٽن-09 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ چونڊن وا??ي ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي تي افغانستان سان تعلق رکندڙ هڪ شخص کي اوڪلاهوما رياست مان گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي انصاف وا??ي کاتي افغانساتن جي ناصر احمد توحيدي نالي شهري تي فرد جرم لاڳو ڪندي چيو ته اهو شخص داعش جي نالي تي حملي جي رٿابندي ڪري رهي?? هو . ناصر احمد توحيدي 2021ع ۾ خصوصي اميگرنٽ ويزه تي آمريڪا ۾ داخل ٿيو ۽ اوڪلاهوما شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. اسپيشل اميگرنٽ ويزا پروگرام تي هڪ سال جي عرصي ۾ 50 ماڻهو داخل ٿي چڪا آهن جيڪي افغانستان يا عراق ۾ آمريڪي فوج يا چيف آف مشن تحت ٽرانسليٽر طور ڪم ڪندا رهندا آهن. انصاف وا??ي کاتي طرفان الزام ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ناصر توحيدي افغانستان ۾ ٽرانسليٽر طور ڪم ڪري رهي?? هو. افغان شخص تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن گادي وا??ي شهر ڊي ??ي جي ڪيمرائن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائن انفارميشن جي ڳولا ڪئي خاص طورتي انهن رياستن جي حوالي سان جتي هٿيارن لاءِ لائسنس جي ضرورت ناهي، لاڳاپيل شخص وا??يٽ هائوس ۽ وا??نگٽن مونيومينٽ جي ويب ڪيمرائن کي به آن لائن چيڪ ڪيو، ناصر توحيدي سان گڏ سندس ننڍي عمر جو هڪ ٻيو شخص پڻ ملوث آهي جنهن کي سومر ڏينهن آمريڪي جاچ اداري ايف بي آئي جي هڪ ڳجهي ايجنٽ کان ٻه رائفلز خريد ڪرڻ جي ارادي سان ٿيل ملاقا?? بعد گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتاري بعد ناصر توحيدي اعتراف ڪيو آهي ته هو آمريڪا ۾ اليڪشن وا??ي ڏهاڙي هڪ وڏي ميڙ ۾ حملي جي رٿابندي ڪري رهي?? هو.
آمريڪا ۾ چونڊن واري ڏينهن دهشتگرد حملي جي رٿابندي ڪرڻ تي افغان شهري گرفتار
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena