اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي ماهوار بنيادن بدران ??ر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا کان ??نظوري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ کان ??اڳو ٿيندو، اجلاس ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ذريعي ٽي لک ٽن کنڊ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو ??جلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صد??رت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ توانائي واري وز??رت پاران ??يٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي هر مهيني بدران ??ر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ٽن لک ٽن ريفائن کنڊ جي درآمد بابت تجويز جي منظوري ڏني وئي ته جيئن اڳتي ڪريشنگ سيز کان اڳ کنڊ جي وڏي مقدار ۾ ذخيري کي برقرار رکي سگهجي ۽ کنڊ جي کوٽ کان ??حفوظ رهي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جي لاءِ هر 15 ڏينهن کانپوءِ پليٽ اوسط جي بنياد تي نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ 2020ع کان ??اڳو ٿيندو، ان طريقيڪار تحت ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ٽن مهينن جي منصوبابندي بهتر انوينٽري انتظام ۽ انصرام، سيلز جي بهتر رپورٽنگ ۽ اسٽاڪ جي ضرورتن، شفافيت، قيمتن جي واضح صورت ۽ ڪنهن هڪ آئل مارڪيٽنگ ڪمپني تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. موجوده نظام تحت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو ??عين مهيني جي بنيادن تي ريفائنريز کي تيل صاف ڪرڻ کان اڳ جي قيمت جي اعلان جي اجازت تحت ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اها شرط رکي وئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمت پي ايس او جي گذريل مهينن جي حقيقي اوسط درآمدي قيمتن کان ??ڌيڪ نه هجي.
اي سي سي پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني جي تجويز منظور
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر