اسلام آباد – 08 في??روري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي، آبادي جي ڀلائي ۽ صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن گو??نر هائوس پشاور ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر في??ل سلطان، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي صوبي ۾ آبادي جي ڀلائي ۽ مائرن جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي، وڌندڙ آبادي معيشت، ماحوليات، صحت، ت??ليم ۽ سمورن شهرين جي زندگي جي معيار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آبادي جي ڀلائي ۽ صحتمند خاندان جي فروغ لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آبادي جي ڀلائي جي فروغ لاءِ وقت سر قانونسازي لازمي آهي.
خانداني منصوبابندي ۽ ماءُ جي صحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ صحت کاتي ۽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جو تعاون لازمي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : sorteios quina