اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت انص??ف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ صحت انص??ف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سا?? ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي سٽيزن پورٽل تي صحت انص??ف ڪارڊ جي نالي سا?? خصوصي ڪيٽيگري ا??اٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري تفصيل موجب صحت انص??ف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهولتن جي کوٽ، عملي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ جي عدم معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪايت ڪري سگهندا. وزيراعظم آفيس موجب صحت انص??ف ڪارڊ جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ ا??اٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چيئرمين شهرين جي شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.
وزيراعظم عمران خان انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea