اسلام آباد-16 ??يپ??مبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان روس سان واپار ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ??لڪن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي خميس ڏينهن دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي ??زير روس جي پرڏيهي ??زير کي اپريل 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دؤري جو حوالو ڏيندي چيو ته روس سان ٻه طرفه ناتا پاڪستان جي پرڏيهي ??اليسيءَ جي ترجيحات ۾ شامل آهن. پاڪستان، روس سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، عوام جي سطح تي رابطن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ناتن جي استحڪام لاءِ پُرعزم آهي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ??و. موجوده صورتحال ۾ ضرورت ان ??ال??ه جي آهي ته افغانستان ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ان نازڪ مرحلي تي افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، عالمي برادري افغانين جي معاشي ۽ انساني مدد لاءِ اڳيان وڌي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن فار واپا?? ۽ ??ريڊ جي جلد اجلاس منعقد ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه پاڪستان اسٽريم گيس پائپ لائن منصوبي کي جلد عملي جامو پهرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اي پي پي/م – ش/ح – ق 19:39
پاڪستان روس سان واپار ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر