لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته سينٽرل بزنس ??سٽ??ڪٽ منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 24 ارب روپ??ن جي سيڙپڪاري ٿي، ايندڙ مهيني منصوبي جي وڌيڪ 7 ترقياتي سائيڊز جي نيلامي سان اربين روپ??ن جي سيڙپڪاري متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لاهور دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ??سٽ??ڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي پهرين فيز ۾ 24 ارب روپ??ن جي سيڙپڪاري ٿي، منصوبو لاهور جي وچ ۾ عالمي معيار جو ڪاروباري مرڪز ۽ رهائش جون سهولتون فراهم ڪندو، ان ??ان??واءِ ماحولياتي تحفظ، گرين روف، اربن پارڪس ۽ برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪري استعمال ۾ آڻڻ جهڙا قدم به منصوبي جو حصو آهن. ايندڙ مهيني منصوبي تحت وڌيڪ 7 ترقياتي سائيڊز جي نيلامي سان اربين روپ??ن جي سيڙپڪاري متوقع آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ??سٽ??ڪٽ جي پڄاڻي سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌندي پر ملڪ ۾ 15 سئو ارب روپ??ن جو اضافو ٿيندو، ان ??ان??واءِ منصوبي ۾ باب پاڪستان منصوبي جي پڄاڻي ۽ والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي به شامل آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اسد عمر، شفقت محمود، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سي اي او سينٽرل بزنس ??سٽ??ڪٽ عمران امين، اين اي پي ايڇ ڊي اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور ??لي حيدر لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن ۽ فيز ون جي سيڙپڪارن شرڪت ڪئي.
سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 24 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿي: وزيراعظم کي آگاهي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن