اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اصم افتخار هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ??هي ته پاڪستان ڪنهن پاور پاليٽڪس جو حصو نه بڻجندو، سپر سانڪ ميزائل لانچ جي حوالي سان ڀارتي موقف غيرذميداراڻو ۽ ڀارتي دفاعي ۽ ٽيڪنيڪي نظام تي سواليه نشان ??هي، ڀارت علائقائي سلامتي ۽ امن جي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. هفتيوار بريفنگ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ??ه او آءِ سي وزارتي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس پاڪستان ??ي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو ??هي، وزيراعظم اجلاس کي اهم خطاب جڏهن ته اجلاس ۾ شريڪ او آءِ سي ملڪن جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي ڳالهائيندو، اجلاس لاءِ سمورا سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ترجمان چيو ??ه پاڪستان ??مت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ??ه اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 جي وبا کان ??حالي، امن ۽ سلامتي جي معاملن، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم ترجيحن تي به ڌيان ڏنو ويندو. ترجمان چيو ??ه 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جو عالم?? ڏينهن قرار ڏيڻ بابت پاڪستان پاران متعارف ڪرايل قرارداد جي جنرل اسيمبلي مان متفقه منظوري پاڪستان ??ي ڪاميابي آهي. ترجمان چيو ??ه پاڪستان ??مورن مذهبن ۽ تهذيبن جو احترام ڪري ٿو، يوڪرين جي صورتحال جي حوالي سان ??رجمان واضح ڪيو ??ه ان معاملي تي پاڪستان ??و موقف واضح آهي، پاڪستان ڪنهن به بلاڪ سياست جو حصو نه بڻجڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ??هي، اسان ??رف امن ۾ حصيدار هونداسين، تڪرارن ۾ نه، ترجمان چيو ??ه پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن تي به مسلسل زور ??يندو آهي جنهن ۾ خودمختياري وارو حق، طاقت جو عدم استعمال، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام، تڪرارن جو پرامن حل شامل آهن. اسان ??مجهون ٿا ته انهن اصولن کي مستقل ۽ عالمي سطح تي لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ??ه پاڪستان کي يوڪرين ۾ مسلسل فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي آهي، اسان ??شمني جي فوري خاتمي، انساني همدردي جي راهدارين جي قيام ۽ انساني امداد جي فراهمي، يوڪرين ۽ روس جي وچ م ڳالهيون جاري رکڻ ۽ سفارتي حل لاءِ مسلسل ڪوششن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ??ڪرارن جي سفارتي حل جو حامي آهي. 9 مارچ تي ڀارت اپران ميزائل لانچ ڪرڻ جي حوالي سان ??رجمان چيو ??ه 9 مارچ تي ڀارتي سپر سانڪ ميزائل جتي ملڪي ۽ عالمي اڏامن کي خطري جي ور ??اڙهيو ??تي بي شمار انساني زندگين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ترجمان ??ن سلسلي ۾ ڀارتي دفاع واري وزير جي جواب کي ناڪافي قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ واقعي جي گڏيل جاچ جي حوالي سان پاڪستان ??ي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ??ه پاڪستان ??ن سلسلي ۾ سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن ۽ گڏيل قومن کي خط لکيو ??هي جنهن ۾ ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي کان ??گاهه ڪيو ويو ??هي. ترجمان چيو ??ه ڀارت علائقائي امن ۽ سلامتي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. ترجمان چيو ??ه پاڪستان ??مت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ??ه اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 وبا کان ??حالي، امن ۽ سلامتي، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم ترجيحن تي به ڌيان ڏنو ويندو.\
پاڪستان ڪنهن پاور پاليٽڪس جو حصو نه بڻجندو: پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ